سکر : سيڪريٽري اطلاعات عمران عطا سومرو جي سهري جو ٽيجهو, معززين جي وڏي انگ ۾ شرڪت صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو,سهراب سرڪي پاران تعزيت

سکر: سيڪريٽري اطلاعات, ورڪس اينڊ سروسز عمران عطا سومرو جي سهري ۽ درگاهہ آخوند خير محمد جي گادي نشين ميان سڪندر علي پنهيار جو ٽيجهو ميان جو ڳوٺ ضلع شڪارپور ۾ ٿي گذريو جنهن دوران دعا کانپوء ميان سڪندر جي فرزند ميان فيض محمد پنهيار کي گادي نشيني ۽ برادري پڳ ٻڌائي وئي, ٽيجهي جي رسمن ۾ اطلاعات ۽ ورڪس کاتي سنڌ جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو, ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر امتياز علي جويو ٖ ڊائريڪٽر پبليڪيشن اختر حسين سرهيو ٖ عاطف وگهيو فرحت امتياز جانوري ٖ آفتاب شاه ٖ ممتاز ڦلپوٽو ٖ نويد عالم ابڙو ٖ ڊاڪٽر سليم پيراڻي, امام علي شاه, اقبال ساجد سميت علائقي جي معززن شرڪت ڪئي, ان کان اڳ صوبائي صلاحڪار ورڪس اينڊ سروسز نثار احمد کهڙو, ايم پي اي سهراب سرڪي ۽ ٻين تڏي تي پهچي سيڪريٽري انفارميشن ۽ ورڪس اينڊ سروسز عمران عطا سومرو سان سندس سهري جي وفات تي عذرخواهي ڪئي,

Read Previous

سکر جبري گمشدگين ۽ سنڌ سڀا اڳواڻن جي گرفتاري خلاف سکر ۾ وائيس آف سنڌ پاران ٽن ڏينهن لاءِ علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي

Read Next

واري مٿي وھانء، پاڻيءَ مٿي گھر.

Most Popular