سيد غلام حيدر شاھ قلندري.
چوندا آهن ويچاري جواني ديواني ھوندي آھي، ھڪ ته مائٽن جو پيار ٻيو وري ذھن صاف ۽ شفاف ڪچي سوچ، حال جي مستي ۾ مگن، صحبت جا اثرات، اھي سڀ اُھي اسباب آھن جيڪي نھوڙي ناس ڪري به سگھن ٿا ته ڪامياب ۽ ڪامران به ڪري سگھن ٿا، بس ھڪ ته نصيب جي ڳالھ آھي، ٻي ته تربيت ملڻ به خوش نصيبي آھي، ڪي ويچاريون جوانيون اٿندي ئي ڏکن دردن جي ور چڙهي ٿيون وڃن، مائٽن جي عدم دلچسپي يا اڪيلائيپ يا مصروفيت يا مسڪيني، گھڻائي اعمال وچ ۾ اٽڪي پون ٿا، ڪن کي وري دولت جي نشي ۽ ننڍڙي عمر ۾ دولت جي بي حساب فراھمي، وافر مقدار ۾ عيش عشرت جو سامان ميسر ٿيڻ به برباديءَ جو باعث بڻجي ٿو، جڏهن وڃي جوانيءَ واري جان ھٿن جي آڱرين کي ڇوئي وري نڪري وڃي زمين بوس ٿئي، پوءِ ان کي حيرت سان ميڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، تيستائين وقت جو وھڪرو گھڻو تيز ٿي نڪري چڪو ھوندو، ائين ھڪ انسان ھن عارضي دنيا کي دائمي زندگي سمجھي، نانگ کي رانديڪو ڄاڻي پالڻ جي ناڪام ڪوششن ۾ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ رڌل وڏا وڏا سنھري خواب ٺاھيندي ٺاھيندي سمنڊ جي مٿان بغير ڪنھن بنياد جي گھر ٺاھڻ جي ناداني ۾ مشغول ۽ مگن آهي، بس ھڪ حوس ۽ حرص جي ڀڄ ڀڄان ۾ نڪري ٿو پوي، خبر تڏھن ٿي پوي موت جو راڪاس گھڻن جا گھر چٽ ڪري ھن جو به خيالي پاڻيءَ تي بيٺل گھر کي لوڙھيو وڃي، پوءِ بس ندامت کان سواءِ ڪجھ ورڻو ناھي، دنيا جي خوامخواه ريتن ۽ رواجن جي پاسداري ڪندي ڪندي پاڻ وڃيو قربان ٿيو پوي، ٿاٻڙجي ٿاٻڙجي ڪرندي ڪرندي اٿڻ جي ڪوشش ڪڏھن ڪمزور ڪري ته ڪڏھن وري طاقتور بڻائي ڇڏي ٿي، بس نتيجن کي جيڪڏهن اڳ ۾ ئي سامھون رکي ھلڻ سکي وٺجي ته ڪيتريون ئي ڪاميابيون ملن، زندگي ۾ ڏک سک کي گڏي ھلڻ سکي وٺي بديءَ جي جڳھ تي نيڪي ڪرڻ جي عادت پئجي وڃي، ڇو نه دوست اھڙن پاڻيءَ مٿي گھرن ۽ واريءَ واري وھانء کان سجهندي ئي مٺيون ڀيڙي ڀڄجي.