صحت واري قومي اداري ٻن پاڪستانين ۾ نئين ڪورونا وائرس جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد:   صحت واري قومي اداري 2 پاڪستانين ۾ نئين ڪورونا وائرس جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ٻنهي پاڪستانين برطانيه جو سفر ڪيو هو. ان حوالي سان صحت واري قومي اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٻن پاڪستانين ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم بي 1.1.7 جي تصديق ٿي آهي.  ٻئي پاڪستاني شهري برطانيه کان ملڪ واپس آيا. ڪورونا وائرس جي نئين قسم ڊسمبر مان برطانيه ۾ ظاهر ٿي. ڪورونا جي نئين قسم جي موجودگي وارين خبرن کان پوءِ اين آءِ ايڇ تحقيق ڪئي.  نئين قسم جو وائرس پراڻي ڪورنا جي نسبت وڌيڪ تيزي سان پکڙجندو آهي. ڪورونا وائرس جي نئين قسم پاڪستان کان علاوه 31 ملڪن تائين پکڙجي چڪي آهي.

Read Previous

حڪومت ارڙنهن جنوري کان سمورا تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

عمران خان ايڪٽيهه جنوري کان اڳ استعيفيٰ ڏئي گهر روانو ٿئي: احسن اقبال

Most Popular