عمران خان ايڪٽيهه جنوري کان اڳ استعيفيٰ ڏئي گهر روانو ٿئي: احسن اقبال

لاهور:    ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان 31 جنوري کان اڳ استعيفيٰ ڏئي گهر روانو ٿئي، تاريخي لانگ مارچ ٿيندو.  نااهل حڪمرانن کي گهر موڪلڻ 22 ڪروڙ عوام جي ضرورت آهي. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته حڪومت انتقامي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي اهي. شهباز شريف سمورا اثاثا ظاهر ڪيا. حڪومت شهباز شريف تي هڪ پئسي جي ڪرپشن ثابت ناهي ڪري سگهي. هن چيو ته نيب لنڊن مان پاڪستان جا 4 ارب روپيه ٻوڙي ڇڏيا. جيتري ماليت جا فليٽ به ناهن ان کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي وئي آهي. نيب مٿان ڪيس ڪير ٺاهيندو. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته مڇ ۾ پورهيتن کي قتل ڪيو ويو. گهرو وزير چئي رهيو آهي ته دهشتگردي ٿيڻ واري آهي قوم تيار رهي.  حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. اوهان ڪهڙي مرض جي دوا آهيو؟ حڪومت جو ڪم آهي ته دهشتگردي کي روڪي. شيخ رشيد کي ملڪي سيڪيورٽي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي.  بجلي جي قيمت ۾ واڌ سان ماڻهن جون رڙيون نڪري وينديون. نااهل حڪومت کي گهر موڪلڻ 22 ڪروڙ عوام جي ضرورت آهي. هي حڪومت پاڪستان ۾ لطيفه حڪومت بڻجي چڪي آهي. حڪومت ڪوڙا الزام لڳائي ناڪامين تي پردو وجهي رهي آهي.

Read Previous

صحت واري قومي اداري ٻن پاڪستانين ۾ نئين ڪورونا وائرس جي تصديق ڪري ڇڏي

Read Next

ڪراچي: محمود آباد نالي تي حددخلين خلاف آپريشن شروع

Most Popular