اپوزيشن جي سموري تحريڪ اين آر او لاءِ آهي جيڪو ڪڏهن به نه ڏيندس: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد:  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) فارغ ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي موت پاڻ مري رهي آهي. اپوزيشن جي سموري تحريڪ اين آر او جي لاءِ آهي جيڪو ڪڏهن به نه ڏيندس.  پارٽي ترجمانن جي اجلاس جي صدارت ڪندي عمران خان چيو ته حڪومت کي پي ڊي ايم مان ڪوبه خطرو نه آهي پي ڊي ايم ڪورونا جي ڏينهن دوران عوام جي حياتين سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته ڪمزور معيشت کي صحيح ٽريڪ تي لڳايو ويو آهي. نئين سال دوران ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ ڊيليوري تي ڌيان هوندو. ذريعن موجب وزيراعظم ترجمانن کي معاشي ڪاميابيون اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پارٽي ترجمانن کي اپوزيشن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته جيڪڏهن اپوزيشن وارا اهو سمجهي رهيا آهن ته جلسي سان منهنجي مٿان ڪو پريشر وڌندو ته اها هنن جي وڏي غلط فهمي آهي هنن جي مرضي آهي جيڪو ڪن پر مان ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مون کي ڪرسي ڇڏڻي پئي ته اها به ڇڏي ڏيندس پر ملڪ سان غداري نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته بيشڪ هي جلسا ڪن پر ڪورونا جي ڏينهن دوران هي ماڻهن جي حياتين سان کيڏي رهيا آهن. جلسا ڪندڙ آرگنائيزر آهن، انهن ڪرسيون ڏنيون آهن. ٽرانسپورٽ ڏنو آهي  هنن سڀني  مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

Read Previous

ڪراچي: محمود آباد نالي تي حددخلين خلاف آپريشن شروع

Read Next

زبيده آپا کي مداحن کان وڇڙئي ٻه ورهيه وهامي ويا

Most Popular