زبيده آپا کي مداحن کان وڇڙئي ٻه ورهيه وهامي ويا

ڪراچي:  زبيده آپا کي لذيڊ کاڌن، گهريلو ٽوٽڪن ۽ ننڍن وڏن سڀني سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ ڪري هميشه ياد ڪيو ويندو آهي. 4 جنوري 2018ع تي هو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي هئي. گهريلو ٽوٽڪن ۽ منفرد کاڌن مان شهرت ماڻيندڙ زبيده آپا 72 سالن جي عمر ۾ مداحن کان وڇڙي وئي. ان جو ڪم، شخصيت ۽ محبت ڀريا لفظ اڄ به سندس ياد تازي ڪري ڇڏيندا آهن.  زبيده طارق الياس جو تعلق پاڪستان جي ادبي ۽ فنڪار گهراڻي سان هو. هو مشهور دانشور، ڊرامه نگار انور مقصود ۽ فاطمه ثريا بجيا جي ڀيڻ هئي.  زبيده طارق 4 اپريل 1945ع تي ڀارتي شهر حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿي ۽ پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پوءِ هن خاندان سان گڏ ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي. گهر ۾ هڪ بيورو ڪريٽ ۽ ٻن ڊرامه نگارن سان گڏ زبيده آپا کي منفرد شوق رهيو انهي شوق کيس عالمي شهرت ڏني. زبيده طارق کي  ماڻهو عام طور تي زبيده آپا جي نالي سان سڏيندا هئا. زبيده آپا جي کاڌن جون ترڪيبون ۽ ٽوٽڪن تي ٻڌل ڪتاب به شايع ٿيا آهن. ماهر ڪُڪ ۽ ڪامياب ٽوٽڪن جي خالق زبيده آپا تقريبن 4 هزار ٽي وي شوز جي ميزباني ڪئي ۽ ٻه سال اڳ 4 جنوري تي 72 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب هو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

Read Previous

اپوزيشن جي سموري تحريڪ اين آر او لاءِ آهي جيڪو ڪڏهن به نه ڏيندس: وزيراعظم

Read Next

جنرل قاسم سليماني جي پهرين ورسي تي ايران ۽ اسرائيل جون هڪ ٻئي کي ڌمڪيون

Most Popular