جنرل قاسم سليماني جي پهرين ورسي تي ايران ۽ اسرائيل جون هڪ ٻئي کي ڌمڪيون

تهران:  ايراني پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي پهرين ورسي جي موقعي تي ايران ۽ اسرائيل هڪ دفعو ٻيهر هڪ ٻئي جي خلاف ڌمڪي واري زبان استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. ان حوالي سان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته اسرائيلي ايجنٽ عراق ۾ آمريڪين جي خلاف حملن جي سازشن ۾ مصروف آهن. جواد ظريف آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اسرائيلي منصوبي ۾ ڦاسڻ کان بچڻ جو مشورو به ڏنو.  ٻئي طرف اسرائيلي فوج ايران، عراق ۽ يمن  ۾ امڪاني جوابي حملي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. اسرائيلي اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ان تي ڪارروائي ڪندڙن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. واضح رهي ته جنرل سليماني کي بغداد جي سرڪاري دوري دوران ڊرون حملي جو نشانو بنايو ويو هو.

Read Previous

زبيده آپا کي مداحن کان وڇڙئي ٻه ورهيه وهامي ويا

Read Next

ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ: نيوزيلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي ٻه سئو ڇهاسي رنسون ٺاهي ورتيون

Most Popular