ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ؛ نيوزيلينڊ ڇهه سئو اوڻهٺ رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي

ويلنگٽن: ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ ۾ ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي. نيوزيلينڊ 659 رنسون 6 رانديگر آئوٽ تي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي. پاڪستان هڪ وڪيٽ تي 8 رنسون ٺاهي ورتيون. نيوزيلينڊ جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ 354  رنسون گهرجن.  سيريز جي ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ميزبان نيوزيلينڊ 286 رنسون 3 رانديگر آئوٽ کان پنهنجي نامڪمل اننگز شروع ڪئي. ڪپتان ڪين وليمسن جي ذميوارانه بيٽنگ وڏو سهارو بڻي. هن ٽيسٽ ڪيريئر جي چوٿين ڊبل سينچري اسڪور ڪئي. هو 238 رنسن سان  اننگز ۽ گڏيل  طور تي پاڪستان جي خلاف ٽاپ اسڪور بالر بڻجي ويو. بنري نڪولس 127 ۽ ڊارنل مچل جي ناٽ آئوٽ 102 رنسن جي بدولت ڇهن وڪيٽن تي ٽوٽل ڇهه سئو 59 رنسن تائين پهتو ته اننگز ڊڪليئر ڪئي وئي. 362 رنسن جي خساري سان قومي رانديگر ٻئي اننگز ۾ ان ايڪشن ٿيا. اوپنر شان مسعود ٻيهر، ناڪام، بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو. ڏينهن جي ختم ٿيڻ تي پاڪستان هڪ وڪيٽ  جي نقصان تي اٺ رنسون ٺاهيون. قومي ٽيم کي نيوزيلينڊ جي برتري ختم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 354 رنسون گهرجن. اوپنر عابد علي 7، نائٽ واچ مين محمد عباس هڪ رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.

Read Previous

سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ تڪرار ختم، ٽن سالن بعد سرحدون کولڻ جو فيصلو

Read Next

متحده جي حڪومت سان گڏ بيهڻ واري مجبوري سمجهه کان ٻاهر آهي

Most Popular