متحده جي حڪومت سان گڏ بيهڻ واري مجبوري سمجهه کان ٻاهر آهي

ڪراچي :  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي پ پ مهاڻن جو آواز بڻجي سامهون آئي، اِهي ٻيٽ صوبي جي عوام ۽ هتي جي مهاڻن جا آهن، انهن کي مطمئن نه ڪرڻ تائين اُتي هڪ سِرَ به نه رکڻ ڏني ويندي. ڪراچي جي ضلعي ڪورنگي ۾ فشرمين چورنگي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي جيڪو ملڪ جي سڄي معيشت کي هلائي ٿو، افسوس جي ڳالهه آهي جو زماني کان جيڪي ماڻهو هتي چونڊجندا رهيا اُهي هر حڪومت جو حصو ته رهيا پر پنهنجي عوام ۽ پنهنجي شهر کي حصو نه ڏياري سگهيا. سندس چوڻ هو ته اسان جو حصو نه ملڻ تي سڀ کان وڌي ڪراچي متاثر ٿيو آهي، عالمي بينڪ چيو ته ڪراچي جي انفرا اسٽريڪچر لاءِ 20 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، اسان جڏهن 10 ارب ڊالر جي ڳالهه ڪيون ٿا ته مذاق اڏايو ويندو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ٿيندي ته ان جو اثر سڄي پاڪستان ٿي پوندو، ڪراچي هلندو ته سڄو ملڪ هلندو، وفاق فنڊن نه ڏنا ۽ نه مڪاني حڪومت ساٿ ڏنو، اسان جي باوجود اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيڪو ٿي سگهي اُهو ڪيون ڪراچي جون ڏکيائيون گهٽ ٿين، جڏهن ته وسيلا نه هئڻ جي باوجود عوام جي خدمت ۾ لڳا پيا آهيون. سندس چوڻ هو ته سيوريج ٽريٽمنٽ پلانٽ ۽ ويسٽ مينجمنٽ جو نظام بڻجي رهيو آهي، نيبر هوڊ وليج ڪراچي جي هر ضلعي تائين پهچندو، ايم ڪيو ايم جا نمائندا منهنجي ڄمڻ کان اڳ ئي سليڪٽ ٿيندا رهيا، ايم ڪيو ايم جي نمائندن کان پڇو ڪورنگي لاءِ ڇا ڪيو؟ بلاول ڀٽو زرداري ايم ڪيو ايم بابت چيو ته ايم ڪيو ايم منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي، ايم ڪيو ايم جي نظريي ۽ سياست موجب ان جو حڪومت سان وڌيڪ هڪ ڏينهن رهڻ عوام جو مطالبو  ناهي، خبر ناهي ته ايم ڪيو ايم ڪهڙي مجبوري جي ڪري حڪومت سان گڏ بيٺي آهي، ايم ڪيو ايم جي ووٽن جي ڪري حڪومت قائم آهي، توهان پنهنجي مجبوري جي بدران عوام جي مجبوري جي باري ۾ سوچو. پ پ چيئرمين ٻيٽن واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته جڏهن به انهن ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي پيپلز پارٽي مهاڻن جو آواز بڻجي سامهون آئي، هن حڪومت ٻيٽن تي قبضي جي لاءِ جيڪو غير قانوني آرڊيننس منظور ڪيو هو ان جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، هاڻ هنن کي عوام وٽ اچڻو پوندو ۽ آئون واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته اِهي ٻيٽ صوبي جي عوام ۽ هتي جي مهاڻن جا آهن ۽ جيستائين انهن مهاڻن ۽ عوام کي مطمئن نه ڪندا تيستائين اسان هنن کي اُتي هڪ سِرَ به نه رکڻ ڏينداسين.

Read Previous

ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ؛ نيوزيلينڊ ڇهه سئو اوڻهٺ رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي

Read Next

ڀارتي اداڪاره جهانوي ڪپور ممبئي ۾ عاليشان گهر خريد ڪري ورتو

Most Popular