نيب مان مطئمن ناهيون، احتساب قانون موجب نه هوندو ته ايڪشن وٺنداسين: سپريم ڪورٽ

جسٽس منيب اختر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻڪري چور جيل ويندو آهي ۽ وڏي ڪرپشن وارا آزاد گهمي رهيا آهن. جعلي اڪائونٽس جي جوابدار ڊاڪٽر ڊنشا ۽ جميل بلوچ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي. پراسيڪيوٽر جنرل نيب عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر ڊنشا جي ضمانت جي مخالفت نٿا ڪيون پر سرڪاري آفيسرن جي ضمانت جي مخالفت ڪنداسين.  جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ريمارڪس ڏنا ته نيب اسان کي ٽرڪ جي بتي پويان نه لڳائي، نيب ننڍن آفيسرن کي پڪڙيندو آهي ۽ اصل فائدو کڻندڙن کي ناهي پڪڙيندو، نيب وٽ پنهنجي مرضي سان ڪم ڪرڻ جو اختيار ناهي، ملڪ کي بچائڻو آهي يا نه؟ ملڪ ۾ ٻڪري چور 5 سال جيل ويندو آهي، جڏهن ته ايڏي وڏي ڪرپشن ڪندڙ آزاد گهمي رهيا آهن، اسڪينڊل جي اصل جوابدار ۾ نيب هٿ نه وڌو، نيب کي مرضي ڪرڻي آهي ته سيڪشن 9 ۾ ترميم ڪري، پوءِ ڀلي ڇا به ڪري. پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته نيب پنهنجي مرضي ناهي ڪندو، جوابدار کي پڪڙي 24 ڪلاڪن ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته هن ملڪ سان نيب ڇا ڪري رهيو آهي، ڪندو نيب آهي ۽ ڀوڳڻو سپريم ڪورٽ کي پوندو آهي، جوابدار کي ڇڏڻ جو الزام سپريم ڪورٽ تي ايندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيب کي ڪم کان ڪير روڪيندو آهي اسان کي ٻڌايو ته ان کي پڪڙيون، نيب کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، اهو نه ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن مون تي مهربائي ڪئي ته مان ان تي مهرباني ڪيان، نيب کي بهادري ۽ اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسان تي ڪو دٻاءُ ناهي، ڪير ڪم کان ناهي روڪيندو، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سينيٽ سميت مختلف فورمز تي نيب تي ڳالهه ٿي رهي آهي، نيب سرڪاري آفيسرن کي دٻايو، اصل بينفشريز کان نه پڇيو. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته پهريون ريفرنس ٻيو ريفرنس اهو ڪهڙو مذاق آهي، خبر آ ته نيب ڪيس عام فوجداري ڪيس ناهن هوندا، جنهن خلاف شاهديون هونديون نيب ان کي گرفتار ناهي ڪندو، نيب سرڪاري آفيسرن کي سڀني کان اڳ ۾ گرفتار ڪري وٺندو آهي. سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر ڊنشا جي ضمانت منظور ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ڊنشا ملڪ کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي، هو نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڪندو.

Read Previous

گاڏي مان اسان تي فائرنگ نه ٿي: اسامه قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جو اعتراف

Read Next

وزيراعظم جي مچ سانحي متاثرن کي ملاقات جي خاطري، پيارن جا مڙهه دفنائڻ جي اپيل

Most Popular