وزيراعظم جي مچ سانحي متاثرن کي ملاقات جي خاطري، پيارن جا مڙهه دفنائڻ جي اپيل

عمران خان

اسلام آباد  وزيراعظم عمران خان مچ سانحي جي متاثرن کي جلد ملاقات جي خاطري ڪرائيندي کين پنهنجي پيارن جا مڙهه دفن ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته هن ڏُک جي گهڙي ۾ هزارا برادري سان گڏ آهيان، مارجي ويلن جي وارثن جي ڏُک جو احساس آهي، توهان جي تڪليف ڄاڻان ٿو ۽ توهان جي مطالبن جو به احساس آهي، مستقبل ۾ اهڙن حملن جي تدارڪ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ڄاڻي وٺو ته اسان جو پاڙيسري ان فرقيواراڻي دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ يڪجهتي لاءِ اڳ به توهان وٽ اچي چڪو آهيان، مچ سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان ملڻ ويندس ۽ جلد ڪوئيٽا جو دورو ڪندس، پنهنجي ماڻهن جي اعتماد کي ڪڏهن ڇيهو نه رسائيندس، پونئيرن کي درخواست ٿو ڪيان ته پنهنجي پيارن جي تدفين ڪري ڇڏيو ته جيئن انهن جي روهڻ کي سڪون ملي سگهي.

Read Previous

نيب مان مطئمن ناهيون، احتساب قانون موجب نه هوندو ته ايڪشن وٺنداسين: سپريم ڪورٽ

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 52 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular