ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 52 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ( ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ئي ڏينهن دوران 52 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ  هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار  917  ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 69 لک 23 هزار 857 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 118 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 92 هزار 594 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 20 هزار 501، پنجاب ۾ هڪ لک 42 هزار 058، خيبرپختونخواهه ۾ 59 هزار، 955، اسلام آباد ۾ 38 هزار 531، بلوچستان ۾ 18 هزار 280، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 396 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 873 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 37 هزار 740 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.  گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 52 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ گڏيل طور تي 10 هزار 461 ٿي ويو آهي.  اين سي او سي موجب ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 48 هزار 393 ٿي ويو آهي.

Read Previous

وزيراعظم جي مچ سانحي متاثرن کي ملاقات جي خاطري، پيارن جا مڙهه دفنائڻ جي اپيل

Read Next

صبا قمر جو روزانو گلدستو موڪليندڙ مداح لاءِ خاص پيغام

Most Popular