وزير اعظم پنهنجي انا ڇڏي ڪوئيٽا پهچي ۽ متاثرن سان ڏُک ونڊي

عمران خان

ڪوئيٽا  مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان پنهنجي انا ڇڏي ڪوئيٽا پهچي ۽ وارثن جي ڏک ۾ حصو وٺي. مچ سامحي جي وارثن سان تعزيت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته توهان تي جيڪا قيامت ٽٽي آهي ان تي دلي تعزيت ڪيان ٿو، 5 ڏينهن کان ڏسي رهي آهيان ۽ توهان جي تڪليف جو احساس به آهي، انهن ميتن مان هڪ ميت ان جي به آهي جنهن جي خاندان جو ڪو به فرد ناهي پر مون وٽ تعزيت لاءِ لفظ ناهن. هن چيو ته هي ٻارڙي ڪنهن بي حس کي پڪاري رهي هئي ته توهان نه آيا ته پيءُ کي نه دفنائيندس ان ڪري وزير اعظم پنهنجي انا ڇڏي ڪوئيٽا وڃي ۽ وارثن جي ڏک ۾ حصو وٺي. مريم نواز چيو ته رياست جو ڪم عوام کي تحفظ ڏيڻ آهي پر افسوس آهي جو رياست پنهنجي زميواري پوري ناهي ڪئي، هي چون ٿا ته جيستائين وزير اعظم نه ايندو اسان رکي ويٺل رهنداسين، اسان لاش تي سياست نه پيا ڪيون پر وزير اعظم عمران خان کي هتي اچي هنن جي مٿن تي هٿ رکڻ گهرجي. ن ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته اقتدار ۾ بيٺل شخص جي بي حسي تي افسوس آهي، مظاهرو ڪندڙن جو ڪو وڏومطالبو ناهي، جيڪڏهن حڪمران هتي نه آيا ته ٻڌي ڇڏيو هي قوم هنن کي اقتدار ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏيندي. ڪوئيٽا روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته مچ سانحو انتهائي افسوس جوڳو ۽ هانءُ ڏاريندڙ واقعو آهي، بي گناهه مزدورن کي بي رحماڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو.

Read Previous

مريم نواز پنهنجي بيانن سان ملڪ دشمنن کي موقعا پئي ڏئي

Read Next

مچ سانحي خلاف ڪراچي ۾ پنجويهه هنڌن تي ڌرڻا، ٽريفڪ جام

Most Popular