مريم نواز پنهنجي بيانن سان ملڪ دشمنن کي موقعا پئي ڏئي

لاهور پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي بيانن سان ملڪ دشمن عنصرن کي موقعا پئي ڏئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزير اعظم عمران خان کي پاڪستان جو هر شهري عزيز آهي، هو هر وقت سياست کان مٿانهون ٿي ملڪي مفادن جي لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ پرعزم آهي، مريم نواز پنهنجي بيانن سان ملڪ دشمن عنصرن کي موقعا پئي فراهم ڪري. هن وڌيڪ چيو ته افسوس آهي جو مريم نواز مچ جي شهيدن سان ٻڌي جي موقعي تي به وزير اعظم عمران خان تي تنقيد ڪئي.  مسلم ليگ ن جي لاشن مٿان سياست چمڪائڻ واري عادت پراڻي آهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه مهانگو پر عوام جو رت سستو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

وزير اعظم پنهنجي انا ڇڏي ڪوئيٽا پهچي ۽ متاثرن سان ڏُک ونڊي

Most Popular