مچ سانحي خلاف ڪراچي ۾ پنجويهه هنڌن تي ڌرڻا، ٽريفڪ جام

ڪراچي:  مڇ سانحي خلاف ڪراچي جي 25 جاين تي ڌرڻا جاري آهن، جنهن سبب شهر ۾ ٽريف جو نظام ڌرهم برهم ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ مرڪزي ڌرڻو ڪورنگي ڪراسنگ، جوهر موڙ، صفوران چورنگي، ابوالحسن اصفهاني روڊ، نيپا، سمامه پل، ۽ فائيو اسٽار چورنگي تي به احتجاج ڪيو پيو وڃي. شهر ۾ ٽاور، عائشه منزل، ناظم آباد 7 نمبر، ناظم آباد 1 نمبر، اسٽيل ٽائون چوڪ، ڪورنگي اڍائي نمبر، سرجاني ڪي ڊي اي فليٽ، شاهه فيصل ڪالوني پل، ضياء الدين چورنگي، ناگن چورنگي ۽ پيپلز چورنگي تي به احتجاج ڪيو پيو وڃي. شهر جي ڪيترين ئي جاين تي جاري ڌرڻي جي ڪري ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو نظام ڌرهم برهم ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ڊرگ روڊ تي نامعلوم ماڻهن 5 موٽرسيائيڪلن کي باهه ڏئي ڇڏي.

Read Previous

وزير اعظم پنهنجي انا ڇڏي ڪوئيٽا پهچي ۽ متاثرن سان ڏُک ونڊي

Read Next

هزاره ڪميونٽي جي قتل ۾ انٽرنيشنل مافيا ملوث آهي: گهرو وزير

Most Popular