سانحه مچ ۾ هزاره برادري جي 11 مزدورن جي ظالمانه قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

مٽياري . رپورٽ . سانحه مچ ۾ هزاره برادري جي 11 مزدورن جي ظالمانه قتل خلاف شيعه علماء ڪائونسل ضلع مٽياري پاران شيعا علماء ڪائونسل تعلقه مٽياري جي صدر طالب حسين منتظري . مولا بخش هالائي . سيد مير ڪاظم شاھ حسيني . صوبائي صدر قربان علوي . سيد ابوذر شاھ حسيني . مظهر علي . محسن علي . علي فيضان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مرڪزي جامع مسجد امام زين العابدين کان بائي پاس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مٽياري باء پاس تي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ وڏي تعداد ۾ شيعا علماء ڪائونسل جا ڪارڪن ۽ شهري شريڪ هئا نيشنل هاء وي تي ڌرڻي سبب قومي شاهراھ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڪيئي ڪلوميٽر ڊگهيون قطارون لڳي ويون ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سانحه مچ ۾ 11 بيقصور مزدورن جو رت وهايو ويو مزدورن کي بيگناھ قتل ڪيو ويو اهڙي ظلم خلاف احتجاج نه ڪرڻ انسانيت ناهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪنهن به پاڪستاني کي صرف شيعت جي بنياد تي قتل ڪرڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوئين پنجن ڏينهن کان قتل ٿيل پورهيتن جا وارث ڪاٽوڊگري سينٽي گريڊ ۾ ڪوئيٽا بائي پاس تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن پر اسان جي حڪمرانن ۾ ايتري به اخلاقي جرعت ناهي جو ظلم جو شڪار مزدورن جي وارثن کي آٿت ڏيڻ لاء انهن وٽ اچن

Read Previous

برياروڊ : سڄي ملڪ جيان مڇ سانحي خلاف ڀرياروڊ احتجاجي مظاهرو

Read Next

قاضي احمد : شيعا تنظيمن پاران مچ جي خون سان انصاف لاءِ ڌرڻو هڻي روڊ بند

Most Popular