قاضي احمد : شيعا تنظيمن پاران مچ جي خون سان انصاف لاءِ ڌرڻو هڻي روڊ بند

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي قاضي احمد ۾ مختلف شيعا تنظيمن پاران بلوچستان ۾ هزاره برادريءَ جي يارهن بيگناه شهيد ڪيلن جي خون سان انصاف ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيارڻ لاءِ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو آهي . جنهنڪري هزارين گاڏيون بيهي ويون آهن ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ هزاره برادريءَ جي يارهن بيگناه ماڻھن کي شهيد ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي شهيدن جا وارث سخت سرديءَ جي موسم ۾ ڇهن ڏينهن کان پنهنجن پيارن جا لاش رستي تي رکي انصاف لاءِ سراپاءِ احتجاج آهن ، هتان جا حڪمران قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ شهيد جي وارثن کي انصاف ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن هنن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي متاثرن وٽ وڃي انهن کي انصاف جو يقين ڏيارڻ گهرجي هنن وڌيڪ چيو ته هزاره جي شهيدن جي خون سان انصاف ۽ قاتلن کي سندن منطقي انجام جي پهچائڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو موقعي تي ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊي ايس پي قاضي احمد سراج الدين دايو جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جي وڏي نفري موجود آهي

Read Previous

سانحه مچ ۾ هزاره برادري جي 11 مزدورن جي ظالمانه قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

انڊونيشيا ۾ مسافر جهاز گم، سمنڊ ۾ تباهه ٿيڻ جو خدشو

Most Popular