صبا قمر جي ويب سيريز ”من جوگي“ جي شوٽنگ مڪمل

ڪراچي  من موهڻي اداڪارا صبا قمر جي زي فائيو تي جلد رليز ڪئي ويندڙ ويب سيريز ”من جوگي“ جي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي. صبا قمر انسٽاگرام تي هڪ تصوير جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ ساٿي اداڪار آغا مصطفيٰ سان گڏ نظر اچي رهي آهي. تصوير جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو آهي ته اها ويب سيريز مڪمل ٿي وئي آهي. صبا قبر ويب سيريز ۾ ساٿي اداڪار سان ڪم جو تجربو به شيئر ڪيو ۽ چيو ته توهان سان ڪم ڪرڻ تمام سٺو رهيو، توهان هڪ بهترين ڪو اسٽار آهيو، صدا خوش رهو. واضح رهي ته ويب سيريز ”من جوگي“ کي زي فائيو تي رليز ڪيو ويندو، جنهن جي هدايتڪاري ڪاشف نثار ڏني آهي، جڏهن ته ان جي ڪهاڻي ساجي گل لکي آهي. ويب سيريز ۾ صبا قمر، نعمان اعجاز، عظميٰ حسن، گل رعنا ۽ آغا مصطفيٰ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.

Read Previous

پي ايس ايل 6: ٽيمن ۾ ڪهڙا رانديگر برقرار رهندا؟ فهرست جاري

Read Next

ملڪ جي ٻاويهه ڪروڙ عوام مان ٽي هزار ماڻهو ستر سيڪڙو ٽيڪس ڏيندا آهن: عمران خان

Most Popular