پي ايس ايل 6: ٽيمن ۾ ڪهڙا رانديگر برقرار رهندا؟ فهرست جاري

لاهور  پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن لاءِ سڀني ٽيمن برقرار رکيل رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ايس ايل 6 جي شروعات 20 فيبروري کان ٿيندي ۽ ليگ لاءِ ڊرافٽنگ جي عمل کان اڳ ئي سڀني ٽيمن پنهنجي برقرار رکيل ۽ رليز ڪيل رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ليگ جي ڇهين ايڊيشن لاءِ ڊرافٽنگ سڀاڻي لاهور ۾ ٿيندي ۽ ري ٽينشنز جي فهرست فرنچائزن توڙي پي سي بي طرفان جاري ڪئي وئي آهي. دفاعي چيمپيئن ڪراچي ڪنگز پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ بابر اعظم، محمد عامر ۽ ڪولن انگرام کي برقرار رکيو آهي، جڏهن ته ڊائمنڊ ۾ ڪپتان عماد وسيم، گولڊ ۾ عامر يامين، شرجيل خان، سلور ۾ وقاص مقصود ۽ ايمرجنگ ۾ ارشد اقبال کي ري ٽين ڪيو آهي. لاهور قلندرز پلاٽينم ۾ محمد حفيظ، شاهين آفريدي، ڊائمنڊ ۾ فخر زمان، ڊيوڊ ويسا، حارث رئوف، گولڊ ۾ بين ڊنڪ ۽ دلبر حسين، جڏهن ته ڪپتان سهيل اختر کي سلور ڪيٽيگري ۾ ئي برقرار رکيو آهي.

Read Previous

انڊونيشيا ۾ مسافر جهاز گم، سمنڊ ۾ تباهه ٿيڻ جو خدشو

Read Next

صبا قمر جي ويب سيريز ”من جوگي“ جي شوٽنگ مڪمل

Most Popular