اسلام آباد، ڪراچي، ملتان ۽ پشاور سميت ڪيترن شهرن کي مرحليوار بجلي جي فراهمي جاري

اسلام آباد: ملڪ ۾  بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون کان پوءِ بجلي جي بحالي شروع ٿي وئي آهي. لاهور، اسلام آباد، ڪراچي، ملتان، پشاور سميت ڪيترن علائقن جي مرحليوار بجلي فراهمي جاري آهي. بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃآن تائين بجلي کان محروم آهن. اين ٽي ڊي سي بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب رات دير سان سمورو ملڪ اونداهي ۾ ٻڏي ويو.  لاهور، اسلام آباد، ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ان حوالي سان پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته رات 11 لڳي 41 منٽن تي گڊو ۾ فالٽ پيدا ٿيو جنهن سبب ملڪ جي هاءِ ٽرانسميشن لائن ۾ ٽرپنگ ٿي ۽ سسٽم جي فريڪوئنسي 50 کان 0 تي اچي وئي. فريڪوئنسي ڪرڻ سبب پاور پلانٽ بند ٿي ويا.  اختيارين ان حوالي سان وڌيڪ چيو آهي ته مرحليوار بجلي جي بحالي جلد شروع ڪئي پئي وڃي. جيئن ئي شروعاتي فريڪوئنسي ملي ويندي ته باقي بحالي جو ڪم تيزي سان شروع ٿي ويندو آهي. اختيارين موجب منگلا پاور هائوس به هلايو ويو آهي.

Read Previous

پي ڊي ايم جي تحريڪ آخري پساهن ۾ آهي، مخالفن جون سازشون ناڪام ٿينديون: شيخ رشيد

Read Next

پاڪستان ۾ ڪا به منظم دهشتگرد تنظيم موجود ناهي: پاڪ فوج جو ترجمان

Most Popular