پي ڊي ايم جي تحريڪ آخري پساهن ۾ آهي، مخالفن جون سازشون ناڪام ٿينديون: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم جي تحريڪ آخري پساهن ۾ آهي هي ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندا پر سينيٽ جي چونڊن ۾ ضرور حصو وٺندا.  فريڊم هائوس ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته عمران خان بهترين  اڳواڻ ثابت ٿيو آهي جيڪو ملڪ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي هي پاڪستان کي اڳيان کڻي ويندو. عمران خان جي سياست ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪري ڇڏيندي. چورن جي مفاهمت بجاءِ ان جو احتساب ڪنداسين.= شيخ رشيد چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ ختم ٿي رهي آهي هي استعيفيٰ  نه ڏيندا پر هي سينيٽ جي چونڊن ۾ به حصو وٺندا. مريم نواز جي سياست(ن) ليگ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن مريم نواز ائين ئي ڪندي رهي ته اڳيان (ن) ليگ لاءِ اونداهي ئي آهي. پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جو ووٽ بينڪ ناهي.  وفاقي وزير چيو ته فوج چورن ۽ ڦورن لاءِ نه پر پاڪستان ۽ اسلام لاءِ پنهنجون حياتيون داءُ تي لڳائي رهي آهي.  ڀارت پنهنجي سرمائي ۽ ايجنڊن ذريعي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. پر هو پاڪستاني سرحدن تي نقصان نٿو پهچائي سگهي.، پاڪ فوج دنيا جي عظيم فوج آهي ۽ عوام فوج سان گڏ آهي. دشمنن جون سموريون سازشون ناڪام ٿينديون.

Read Previous

ڪورونا وڌيڪ ڇائيتاليهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

اسلام آباد، ڪراچي، ملتان ۽ پشاور سميت ڪيترن شهرن کي مرحليوار بجلي جي فراهمي جاري

Most Popular