خواجه سعد خلاف مهانگا انجڻ خريد ڪرڻ جي جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق لاءِ قومي احتساب بيورو مان سٺي خبر اها سامهون آئي آهي ته نيب ان جي خلاف لوڪوموٽيو مهانگي اگهن تي خريد ڪرڻ جي جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جاچ ٽيم انڪوائري بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي ۽ ڊي جي نيب لاهور ٽيم جي رپورٽ نيب چيئرمين ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي جيڪو جاچ بند ڪرڻ جي حتمي منظوري ڏيندو. نيب ذريعن موجب خواجه سعد سميت ٻين جوابدارن تي 4 هزار کان  4500 هارس پاور جا انجڻ مهانگي اگهن تي خريد ڪرڻ جا الزام هئا. سعد رفيق جي خلاف شڪايت ڪندڙ جو موقف هو ته پاڪستان ريلوي کي 20 کان وڌيڪ لوڪوموٽيو جي ضرورت نه هئي.

Read Previous

ڪي پي ڪي ۾ پوليو ٽيم تي حملو، سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار شهيد

Read Next

ڪورونا وگهي وڌيڪ ايڪيتاليهه فوتگيون، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular