ڪورونا وگهي وڌيڪ ايڪيتاليهه فوتگيون، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ئي ڏينهن دوران 41 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 088 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 71 لک 62 هزار 626 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 408 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 06 هزار 701 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هنيئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 27 هزار 885، پنجاب ۾ هڪ لک 46 هزار 016، خيبرپختونخواهه ۾ 61 هزار 646، اسلام آباد ۾ 39 هزار 340، بلوچستان ۾ 18 هزار 429، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 501 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 882 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

Read Previous

خواجه سعد خلاف مهانگا انجڻ خريد ڪرڻ جي جاچ بند ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

ڪورونا ويڪسين لاءِ چيني ڪمپني سان ڳالهيون هلندڙ آهن، جلد خوشخبري ڏينداسين:اسد عمر

Most Popular