ڪورونا ويڪسين لاءِ چيني ڪمپني سان ڳالهيون هلندڙ آهن، جلد خوشخبري ڏينداسين:اسد عمر

وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين لاءِ چيني ڪمپني سان ڳالهيون جاري آهن، جلد خوشخبري ڏينداسين.نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر(اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪورونا وبا دوران پاڪستاني پاليسين کي عالمي  سطح تي موٽ ملي آهي. گڏيل قومن، بل گيٽس ۽ ٻين عالمي ادارن پاڪستان جي تعريف ڪئي. تڪڙا فيصلا نه ڪيا وڃن ها ته وڏي نقصان جو امڪان هو.وبا سان گڏ زندگي گذارڻ جي عادت ٿي وئي آهي. اسد عمر ٻڌايو ته ڪورونا وبا دوران هر ماڻهو پريشانين ۾ گذارو ڪيو. پاڪستان ۾ ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهو معاوضي جي عيوض ڪم ڪندا آهن. ڪورونا سبب 2 ڪروڙ ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيو. 10 سيڪڙو گهر ڪجهه وقت تائين هڪ کان وڌيڪ ڏينهن تائين بکيا رهيا.30 سيڪڙو گهر خوراڪ جي کوٽ جو شڪار رهيا. معاشي بدحالي سبب 54 سيڪڙو ماڻهن کاڌي پيتي واري شين جي خريداري گهٽ ڪري ڇڏي. 50 سيڪڙو ماڻهن سستيون شيون خريد ڪيون يا کائڻ پيئڻ ۾ گهٽتائي آندي. 47 سيڪڙو ماڻهن ٻڌايو ته اسان کي پنهنجي جمع ڪيل پونجي استعمال ڪرڻي پئي. 30 سيڪڙو ماڻهن دوستن، وغيره کان قرض کڻي گذارو ڪيو. اسد عمر چيو ته وبا جي ٻئي لهر دوران ڪجهه ملڪن ۾ وڌيڪ فوتگيون ٿي رهيون آهن.

Read Previous

ڪورونا وگهي وڌيڪ ايڪيتاليهه فوتگيون، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

صدرٽرمپ جي برطرفيءَ لاءِ آمريڪي ڪانگريس ۾ قراداد پيش

Most Popular