سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ميرخان لغاري جي رهواسي شڪيل احمد لغاري سڪرنڊ ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرايو آهي ته نثار احمد ولد وزير احمد لغاري منهنجي ڇهن سالن جي معصوم نياڻي رقيه کي ٽافيءَ ڏئي ورغلائي خالي پيل هڪ گهر ۾ وٺي ويو ، جتي هن ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . جيئن ته آئون ۽ منهنجو سئوٽ ياسر لغاري منهنجي نياڻي رقيه کي ڳوليندي ان گهر ۾ داخل ٿياسين . اسان کي ڏسي نثار احمد لغاري موقعي تان فرار ٿي ويو ، جنهن کانپوءِ سندس خلاف سڪرنڊ ٿاڻي تي فريادي شڪيل احمد لغاريءَ جي درخواست تي جوابدار خلاف قلم 511.376. PPC تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي . سڪرنڊ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي . ٻئي پاسي جوابدار جو چوڻ ھو ته پراڻي دشمنيءَ سبب مونتي ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي .