گڊو بئراج تي سوئي گيس پائپ لائنن جي سيڪورٽي لاءِ مقرر عملي جو نوڪرين مان نيڪالي خلاف گڊو بئراج سوئي گيس آفيس اڳيان احتجاجي

ڪشمور(رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) :گڊو بئراج تي سوئي گيس پائپ لائنن جي سيڪورٽي لاءِ مقرر عملي جو نوڪرين مان نيڪالي خلاف گڊو بئراج سوئي گيس آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اسان گذريل 20سالن کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهيو نئين سيفٽي سيڪورٽي سروسز ڪمپني پاران اسان کي بنا جواز نوڪري مان ڪڍيو وڃي ٿو، وس وارن کي اپيل آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي..خبرموجب: ڪشمور لڳ گڊو بئراج مان گذرندڙ سوئي گيس جي پائپ لائنن جي سيڪورٽي لاءِ مقرر ٿيل عملي جو ڊيوٽي مان بنا جواز نيڪالي ڪرڻ گڊو بئراج جي سوئي گيس آفيس جي گيٽ اڳيان خميسو مزاري، عبدالطيف ميراڻي، باسط مزاري، بچت زمين پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڊيوٽي مان نيڪالي ڪرڻ تي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خميسو مزاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسين گڊو بئراج جي سوئي گيس جي پائپ لائنز تي گذريل 20سالن کان ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون اسان هن وقت به ڊيوٽي ڪئي جڏهن سيڪورٽي گارڊ کي 2500 روپيا مهينو ڏنو ويندو هو اسان هن وقت به ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون، گذريل ڪيتريون ئي ڪمپنيون آيو اسان هنن سان به ڪم ڪيو آهي سيڪورٽي ڪمپني سيفٽي سيڪورٽي سروسز وارا اسان کي نوڪرن مان نيڪالي ڏئي نئين ڀرتي ڪرڻ جو چيو آهي اسان مقامي ماڻهو آهيون اسان ڪنهن به صورت ۾ نوڪري ڪونه ڇڏيندا سين اسين ڪمپني جي اعلي حڪام ۽ وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته گڊو بئراج تي ڪم ڪندڙن ماڻهن کي ئي گڊو بئراج تي سيڪورٽي لاءِ مقرر ڪيو وڃي..

Read Previous

سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ميرخان لغاري جي رهواسي شڪيل احمد لغاري سڪرنڊ ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرايو آهي

Read Next

اسٽيل مل کي فوري طور تي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ قرار داد آڻڻ جواعلان

Most Popular