اسٽيل مل کي فوري طور تي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ قرار داد آڻڻ جواعلان

ڪراچي اسٽيل مل کي فوري طور تي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ قرار داد آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، اهڙو اعلان اسٽيل مل جي معاملي تي سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪاميٽي ۽ ٽريڊ يونين اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيل پهرين مشاورتي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جيڪو جمعرات جي ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. فيصلو ٽريڊ يونين اڳواڻن جي سفارش تي ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ليبر سعيد غني، صلاحڪار قانون مرتضٰي وهاب، وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خاص وقار مهدي، سيڪريٽري ليبر کاتي رشيد سولنگي، ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنورلغاري، مزودر اڳواڻ ڪرامت علي، حبيب جنيدي ۽ اسٽيل مل ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت اسٽيل مل جي معاملي تي وفاقي کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مسوده قانون کاتي بابت صلاحڪار مرتضٰي وهاب تيار ڪري رهيو آهي، ٻن ڏينهن کان پوءِ تفصيلي مشاورتي اجلاس ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ پنهنجي تجويزون پيش ڪن، ٽريڊ يونين پاران پيش ڪيل تجويزون ان خط ۾ شامل ڪبيون جيڪو وفاق ڏانهن اماڻيو ويندو. هنن چيو ته سنڌ حڪومت مزدورن جي حقن جو هر حال ۾ تحفط ڪندي، وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت آهي ته اسٽيل مل جي مزدورن کان اسٽيل مل معاملي تي مشاورت ڪئي وڃي ۽ انهن جي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪرڻ مزدورن جو حق آهي، پر اهڙو ڪو عمل نه ڪيو وڃي، جنهن سان توهان جي تحريڪ کي نقصان پهچي، ڪجهه سال اڳ پي آئي اي جي تحريڪ ۾ ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيون هيون. صوبائي وزيرن چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته اسان خط لکون ۽ وفاقي حڪومت فوري طور تي اسٽيل مل جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏي. اها هڪ ڊگهي جدوجهد آهي جيڪا اسان سڀني کي گڏجي ڪرڻي آهي. ان موقعي تي مزدور اڳواڻ ڪرامت علي چيو ته مستقل بنيادن تي تحريڪ هلائڻي پوندي، وفاق ايتري سولائي سان پوئتي نه هٽندو، جڏهن ته اسٽيل مل جي معاملي تي پبلڪ کي موبلائيز ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته احتجاج ڪندڙ مزدورن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. اهو اسان جي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ان کي روڪيو وڃي، هتي ويٺل ٽريڊ يونين ساٿين ۾اتفاق آهي ته سنڌ حڪومت سان ملي ڪري ان معاملي کي روڪينداسين. ان موقعي تي ٽريڊ يونين اڳواڻن پنهنجا مطالبا ڪابينا ڪاميٽي کي پيش ڪيا.

Read Previous

گڊو بئراج تي سوئي گيس پائپ لائنن جي سيڪورٽي لاءِ مقرر عملي جو نوڪرين مان نيڪالي خلاف گڊو بئراج سوئي گيس آفيس اڳيان احتجاجي

Read Next

وزيراعظم پيٽرول مهانگو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular