وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب پيٽرول جي اگهن ۾ 3 روپيه 20 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيول جي اگهن ۾ 2 روپيه 95 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ 3 روپيه جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي اگهن ۾ 4 روپيه 42 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.