گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ملڪ جي حالتن تي رحم ڪري، پي ڊي ايم جو ملڪ جي مسئلن سان ڪوبه ڏيڻ وٺڻ ناهي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن جو چوڻ هو ته ڊيل آهي نه ئي وري ڍيل آهي جهڙو ڪندو اهڙو ئي ڀريندو. رنڊڪون نه لڳائڻ جو مطلب اهو ناهي ته کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. امان امان خراب ڪيو ويو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.