پاڪستان واٽس ايپ جيان پنهنجي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن تيار ڪري ورتي آهي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق واٽس ايپ جيان پنهنجي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن اسمارٽ آفيس تيار ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته نئين ايپ تجربات جي مرحلي مان گذري رهي آهي.