فارن فنڊنگ ڪيس پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو اسڪينڊل آهي: مولانا فضل الرحمان

پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان فارن فنڊنگ ڪيس کي ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو اسڪينڊل قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان(مدر آف اين ار او) وٺي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو. رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ اپوزيشن اتحاد پي ڊي  ايم اسٽيرنگ ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ مريم نوازشريف ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سامهون مظاهري جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. اڱاري جي ڏينهن پي ڊي ايم جي قيادت اليڪشن ڪميشن جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي.

Read Previous

پاڪستان واٽس ايپ جيان پنهنجي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن تيار ڪري ورتي

Read Next

فواد چوڌري، علي زيدي ۽ عامر لياقت سميت هڪ سئو چونجاهه اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل

Most Popular