ادارا قانون کان مٿانهون ڪم ڪندا ته ماڻهو هٿيار کڻي سموري نظام کي باهيون ڏئي ڇڏيندا: عدالت

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنجن سالن کان گم ٿي ويل شهري عمر عبدالله جي  بازياب نه ٿيڻ تي وڏو حڪم ڏيندي اڳوڻي بچاءُ واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل(ر) ضمير حسن، اڳوڻي  گهرو سيڪريٽري عارف خان، اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد جان محمد کي توهين عدالت جا شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جسٽس محسن اختر ڪياني هدايت ڪئي ته 7 ڏينهن جي اندر جواب ڏيو پوءِ نه چئجو ته اوهان کي ٻڌو نه ويو. نااهلي ڏيکارڻ تي ڇهه مهينا جيل موڪلي ڇڏيندس. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنگل بئنچ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت موجوده گهرو سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري بچاءُ کي به نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته هن عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرڻ واري رپورٽ جمع ڪرايو.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي ملاقات

Read Next

پاڪستان جي سڀ کان وڏي فراڊ جو فالو پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس آهي

Most Popular