پاڪستان جي سڀ کان وڏي فراڊ جو فالو پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس آهي

پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي عوام جي ووٽ جو تحفظ ڪرڻو هو پر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ناهي ڏنو جيڪو ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو فراڊ آهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آڏو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪڏهن هي احتجاجي ريلي ۽ احتجاج آهي ته پوءِ ڏسي ڇڏيو جنهن ڏينهن عوام لانگ مارچ جي لاءِ پهچندو ته ڪهڙي حالت هوندي.

هن چيو ته اسان اڄ اهڙي روڊ تي موجود آهيون جنهن کي شاهراهه دستور چوندا آهن، جنهن جي ٻنهي پاسن کان انصاف ڏيندڙ ادارا موجود آهن پر ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي جنهن ملڪ ۾ اسان رهون پيا اُتي نه ڪو آئين آهي ۽ نه انصاف، اڄ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ان ڪري گڏ ٿيا آهيون جيئن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سندس آئيني ذميواريون يار ڏيارجن.

سندس چوڻ هو ته اسان هتي ان ڪري گڏ ٿيا جيئن محترم چيف اليڪشن ڪمشنر کي ٻڌائي سگهون ته توهان جو ادارو پاڪستان جو آئيني ۽ قوم جو ادارو آهي، جنهن کي آئين ۾ عوام جي راءِ جو امين بڻايو آهي، آئين جي ڪتاب ووٽ جي عزت جي ذميواري عطا ڪئي آهي، هي اُهو ادارو آهي جنهن کي عوام جي ووٽ جي عزت ڪرائڻي هئي.

Read Previous

ادارا قانون کان مٿانهون ڪم ڪندا ته ماڻهو هٿيار کڻي سموري نظام کي باهيون ڏئي ڇڏيندا: عدالت

Read Next

اوپو جو اي 93 فائيو جي اسمارٽ فون متعارف

Most Popular