ليکڪ: زبير کهڙو
جڏھن به اسان امن جي ڳالھ ڪندا آھيون ته اچانڪ اسان جي ذھنن ۾ ماڻھن طرفان پيدا ڪيل جھيڙا ظلم ۽ تباھي جھڙا لفظ اچي ويندا آھن، جيڪي اسان جي ذھنن کي مردن طرف راغب ڪري ڇڏيندا آھن. اھا ھڪ حقيقت آھي ته ظلم ۽ تباھي ھميشه عورتن ۽ ڪمزورن کي پنھنجو نشانو بڻايو آھي ۽ پھريان کان موجود جنس پرستي ۽ سماجي اڻ برابري کي اڃان وڏيڪ ھٿي ڏني آھي، جنھن جو سڌي طرح عورتن جي خوشحال زندگي تي اثر پوي ٿو. پوري دنيا اندر عورتون جسماني، ذھني ۽ جنسي ظلم جو نشانو بڻيون آھن ڇاڪاڻ جو اھي عورتون آھن ۽ ھن اڻ برابري واري سماج جو حصو آھن.
عورت کي مظلوم طور ياد نه ڪيو پر ان کي امن جو سفير سمجھو، جيڪا پنھنجي خاندان ۽ ھن معاشري ۾ امن وارو ماحول بڻائي ٿي. ڇاڪاڻ جو عورت پنھنجي گھر اندر پنھنجي ٻارن جي اھڙي تربيت ڪري ٿي جنھن سان معاشري ۾ امن به قائم ٿي سگھي ٿو ته وري ظلم به برپا ٿي سگھي ٿو.عورت ھڪ ماءُ جي حيثيت سان به ڪيتريون ئي زميواريون سنڀاليون آھن، جن ۾ گھر جي ماحول کي پر امن بڻائڻ کان وٺي پنھنجي پوري خاندان ۽ معاشري کي بھتري جي طرف وٺي وڃڻ ۾ عورت جو اھم ڪردار آھي. جيڪڏھن عورت پنھنجي گھر اندر ٻارن کي سٺي تربيت ۽ اخلاق سيکاري ٿي ته پوءِ ان گھر ۾ امن وارو ماحول پيدا ٿئي ٿو ۽ ائين ئي پاڙي جو ماحول به بھترٿئي ٿو ته وري آس پاس جي پوري معاشري ۾ بھتري اچي ٿي. عورت پنھنجي نوڪري سان گڏ به مرد کان وڌيڪ گھر ۾ حصو شامل ڪري ٿي جنھن سان ھو پنھنجي ٻارن کي ھن معاشري لاءِ بھتر بڻائي ٿي ۽ ائين ئي عورت جو امن ۾ ھڪ وڏو حصو آھي.
جيتوڻيڪ عورت ھڪ حساس طبيعت جي مالڪ آھي ۽ ان ڪري عورت ھميشه امن کي پسند ڪيو آھي.ڪٿي ائين به چيو ويو آھي ته جيڪڏھن عورت سڄي دنيا جي انچارج ھجي ته دنيا مان کوڙ ساريون بيوقوفي واريون شيون ختم ٿيو وڃن ڇو ته عورت ھڪ محبت آھي. عورت نفيس طبيعت رکندي به بھادري جواھڃاڻ آھي. ان ڪري عورت کي امن جو اھڃاڻ پڻ چيو ويوآھي.جيڪڏھن تاريختي نظر وجھنداسين ته عورت ازل کان وٺي محبت ۽ پيار کي ئي ورجايو آھي ۽ ھميشه پنھنجي گھر کي ۽ معاشري کي سنڀاليو آھي. تاريخ جي محقق ۽ ڏاھي ڊاڪٽر مبارڪ علي پنھنجي ڪتاب ”عورت جي تاريخ“ ۾ عورت کي تمام بھتر نموني لکيو آھي، جنھن مان اھيو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته عورت ھميشه امن کي پسند ڪيو آھي.
اسان جي معاشري ۾ جڏھن جھيڙا ۽ تڪرار ٿيندا آھن ته پوءِ ڀلي اھي ڪيڏا به وڏا تڪرار ڇو نه ھجن پوءِ اگر ڪنھن ڌُر جون عورتون ٻي ڌُر جي گھر وينديون آھن ته پوءِ اھي ھڪٻئي جا خون به معاف ڪري ڇڏيندا آھن. مطلب ته عورت کي امن طور استعمال ڪيو ويندو آھي يا ائين چئجي ته عورت امن جي اھڃاڻ آھي، جيڪا صرف دنيا ۾ امن ۽ محبت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. ڪنھن زماني ۾ عورتن کي جنگ ختم ڪرن لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو ھو. جڏھن ڪنھن رياست جو بادشاھ ڪنھن ٻي رياست جي بادشاھ تي حملو ڪندو ھو ته پوءِ جيڪو بادشاھ شڪست کائيندو ھو ته اھو بادشاھ پنھنجي رياست جون خوبصورت ڇوڪريون ٻئي بادشاھ جي حوالي ڪندو ھو ۽ ائين اھو بادشاھ پنھنجي رياست ۽ پنھنجو پاڻ کي بچائيندو ھوجنھن مان اھيو ثابت ٿئي ٿو ته عورت امن پسند آھي.اگر ملڪن جي حڪمراني عورتن کي ڏني وڃي ته دنيا ۾ ڪابه جنگ نه ٿيندي دنيا امن ۽ پيار جي ڪري جنت ٿي پوندي.