فارين فنڊنگ ڪيس ٻيو پاناما هوندو، مريم نواز جون وڌيڪ ملڪيتون سامهون اينديون: شيخ رشيد

گهرو وفاقي وزير  شيخ رشيد احمد چيو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس ٻيو پاناما هوندو، مريم نواز جون وڌيڪ ملڪيتون سامهون اچڻ واريون آهن. هن مريم نواز کي مشورو ڏنو ته هو پاڻ پڙهي يا ڪنهن کان پڙهائي. اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج تي اپوزيشن تعاون ڪيو.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سڀني کان وڌيڪ خساري ۾ رهندو. هي سڀ سمجهدار آهن مولانا کي بيوقوف ڪري رهيا آهن. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم وارا اليڪشن ڪميشن جي سامهون شام غريبان ملهائي رهيا هئا جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو عمرڪوٽ ۾ جشن ملهائي رهيو هو ۽ مان بلاول مان خوش آهيان.

Read Previous

عورت امن جي اھڃاڻ

Read Next

عمران خان کي آڻڻ لاءِ يهودين پندرنهن سال محنت ڪئي: فضل الرحمان

Most Popular