آمريڪا ۾ وڏي دهشتگردي جو خطرو، هاءِ الرٽ جاري

آمريڪا ۾ تازين ٿيندڙ صدارتي چونڊن کي مڃڻ کان انڪاري حلقن طرفان امڪاني دهشتگردي جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال نومبر ۾ ٿيندڙ چونڊ نتيجن کي رد ڪندڙ ماڻهن ۽ گروپن طرفان دهشتگردي يا تشدد جي ڪارروائي ٿي سگهي. گهرو وزارت طرفان 6 جنوري تي ڪيپيٽل بل تي صدر ٽرمپ جي حامين پاران حملي کان پوءِ ان حوالي سان  اڳ به خبردار رهڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي. ياد رهي ته حملي واري ان واقعي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا. جڏهن ته ان حملي کان پوءِ صدر جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب ۾ غير معمولي سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا. تقريب جي سيڪيورٽي لاءِ آمريڪي گادي واري شهر ۾  مڪمل ڪرفيو به لاڳو ڪرڻو پيو ۽ 20 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا.

Read Previous

شرم نٿو اچيوَ ته ڪنهن جو پٽ گم آهي ۽ پوليس ايف آءِ آر ئي داخل نٿي ڪري

Read Next

اليڪشن ڪميشن آئين کان نه ڪنهن ٻئي کان هدايتون وٺي رهيو آهي: جسٽس فائزعيسيٰ

Most Popular