شرم نٿو اچيوَ ته ڪنهن جو پٽ گم آهي ۽ پوليس ايف آءِ آر ئي داخل نٿي ڪري

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي گهرو کات  ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ماڻهن کي شرم نٿو اچي ڪنهن جو پٽ غائب آهي ۽ توهان ايف آءِ ئي داخل ناهيو ڪري سگهيا.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جي آڏو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

شهري حسن جي گمشدگي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرائڻ تي عدالت ڪاوڙجي پئي. عدالت ايس ايڇ او گارڊن کي اڄ ئي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت تنبيهه ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ آر داخل ڪيو نه ته ايس پي کي جيل موڪلينداسين، جيڪڏهن اڄ ڪيس داخل نه ٿيو ته ايس ايڇ او به جيل وڃڻ لاءِ تيار رهي.

Read Previous

عظمت سعيد چونڊيل حڪومت کي گهر موڪلڻ واري سازش جو حصو هو: مريم نواز

Read Next

آمريڪا ۾ وڏي دهشتگردي جو خطرو، هاءِ الرٽ جاري

Most Popular