ڊينئل پرل ڪيس: سنڌ حڪومت جون اپيلون رد، عمر شيخ کي فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جون اپيلون رد ڪندي عمر شيخ کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڊينئل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي آزادي روڪڻ جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت حساس ڄاڻ بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ کي ڏني ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته عمر شيخ جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان رابطا آهن. شاهديون موجود آهن پر اهڙيون ناهن جو عدالت ۾ ثابت ڪري سگهون. جسٽس عمر عطا سوال ڪيو ته جيڪو مواد سپريم ڪورٽ کي ڏنو اهو اڳ ڪنهن فورم تي پيش ناهي ٿيو. جيڪا ڄاڻ ڪڏهن به رڪارڊ تي ناهي آئي ان جو جائزو ڪيئن وٺون؟

Read Previous

اليڪشن ڪميشن آئين کان نه ڪنهن ٻئي کان هدايتون وٺي رهيو آهي: جسٽس فائزعيسيٰ

Read Next

پ پ پنجاب اسيمبلي ميمبر جي وڏي وزير عثمان بزدار سان ملاقات

Most Popular