پ پ پنجاب اسيمبلي ميمبر جي وڏي وزير عثمان بزدار سان ملاقات

پنجاب حڪومت سينيٽ اليڪشن کان اڳ پي ڊي ايم کي هڪ ٻيو جهٽڪو، پنجاب جي وڏي وزير سان مسلم ليگ(ن) کان پوءِ پيپلز پارٽي جي رحيم يار خان مان چونڊيل پنجاب اسيمبلي ميمبر رئيس نبيل احمد ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ هن عثمان بزدار تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

عثمان بزدار ۽ رئيس نبيل احمد جي ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي. پي پي 265 تان پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر رئيس نبيل احمد پنجاب جي وڏي وزير کي تڪ جي مسئلن ۽ عوامي ضرورتن کان آگاهي ڏني. عثمان بزدار جو چوڻ هو ته هر تڪ جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيان ٿو. منهنجا دروازا سڀني جي لاءِ کليل آهن. ترقي تي هر شهر ۽ ڳوٺ جي عوام جو حق آهي. عثمان بزدار وڌيڪ چيو ته پنجاب جا ڏوراها علائقا به ترقي جو پورو حق رکن ٿا ۽ اسان انهن کي اهي حق ڏيارينداسين.

Read Previous

ڊينئل پرل ڪيس: سنڌ حڪومت جون اپيلون رد، عمر شيخ کي فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم

Read Next

فضل الرحمان فارن فنڊنگ وٺندو رهيو آهي کيس جواب ڏيڻو پوندو: وزيراعظم

Most Popular