: پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ثروت گيلاني جو چوڻ آهي ته هر جاءِ هر هنڌ صرف عورت عورت نه ٿيڻ گهرجي، مرد جي پنهنجي جاءِ آهي.
ميرا سيٺي ويب شو ۾ ڳالهائيندي اداڪاره ثروت گيلاني جو چوڻ هو ته مونکي محسوس ٿئي ٿو ته هڪ خاص وقت ۾ مرد جي به ضرورت پوي ٿي، عورت چاهي ڪيترو به آزاد هجي، مونکي لڳي ٿو ته آئون هڪ آزاد عورت آهيان پر منهنجو خال آهي ته مونکي به ضرورت پئجي سگهي ٿي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي جيڪو چوي ته آئون توهان جو خيال رکندس، اهوئي جنهن تي آئون دارومدار ڪري سگهان.