پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي به مهانگي، گهريلو سلينڊر جي قيمتن ۾ هڪ سئو ٻاويهه روپيه واڌ

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) ايل پي جي جي اگهن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي.

آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي طرفان ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ايل پي جي جي في ٽن پيداواري قيمت 95283 روپيه في ٽن مقرر ڪئي وئي آهي.

فيبروري 2021 جي لاءِ في ڪلو گرام ايل پي جي جي قيمت 10 روپيه وڌي 158 روپيه ٿي وئي آهي. جڏهن ته گهريلو سلنڊر جي قيمت 122 روپين مان وڌي 1863 روپيه ٿي وئي آهي ۽ ڪمرشل سلنڊر جي قيمت 471 روپين مان وڌي 7168 روپيه ٿي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي تي مارڪيٽنگ ۽ ڊسٽري بيوشن مارجن 35000 روپيه ٿي وئي. جڏهن ته 4699 روپيه في ٽن ايل پي جي تي پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي به لاڳو هوندي.

Read Previous

هرهنڌ عورت عورت نه ٿيڻ گهرجي، مرد جي پنهنجي جاءِ آهي

Read Next

وزيراعظم کي ٽي وي تان خبر پوندي ته سندس حڪومت ختم ٿي چڪي آهي: مريم اورنگزيب

Most Popular