
ڪابينه وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينه وفاقي ملازمن جي پگها ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر ايف بي آر، نيب ۽ ايف آءِ اي سميت جن ملازمن کي اڳ ئي اضافي پگهار ملي رهي آهي اهي شامل نه هوندا.
ان کان علاوه ڪابينه صوبن جي ملازمن جي پگهار ۾ واڌ بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.