سينيٽ چونڊون:(ن) ليگ به صدارتي آرڊيننس چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

(ن) ليگ به صدارتي آرڊيننس چيلنج  ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،.ان حوالي سان احسن اقبال چيو آهي ته گهڻي اڪثريت نه هجڻ جي باوجود آرڊيننس جاري ڪرڻ جهالت جي انتها آهي. هي عدالت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

عمران نيازي پنهنجي دوستن کي سينيٽ ۾ آڻڻ چاهي ٿو. عوام هاڻ هنن جي فراڊ ۾ نه ايندو. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال لاهور جي احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين فرينڊز آف عمران خان لاءِ تبديل نٿو ڪري سگهجي. اميد آهي ته عدالت صدارتي آرڊيننس کي واپس ڪري ڇڏيندي.

آرڊيننس عدالت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ئي ٿيندو رهيو ته سڀاڻي حڪومت 18هين ترميم جي خاتمي لاءِ به صدارتي آرڊيننس جاري ڪندي. احسن اقبال چيو ته حڪومت جو ٽيون سال شروع ٿي چڪو آهي. حڪومت 3 سالن ۾ اسان جي خلاف هڪ ڪيس به ثابت ناهي ڪري سگهي. اسان قوم سان جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا.

Read Previous

جلد ئي ٽنهي فارميٽ جي ٽاپ ٿري ۾ شامل ٿي وينداسين:مصباح الحق

Read Next

ڪابينه اجلاس: وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ چاليهه سيڪڙو واڌ جي منظوري

Most Popular