گم ٿي ويلن جا وارث سخت ٿڌ دوران به کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن: مريم نواز

مريم نواز

مسلم ليگ(ن) جي  نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته گم ٿي ويلن جا وارث سخت ٿڌ دوران به کليل آسمان هيٺيان بي يارو مددگار ويٺل آهن. اوهان سليڪٽيڊ به آهيو تڏهن به اوهان کي عوام جو خيال رکڻ گهرجي.

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر  مريم نواز گم ٿي ويلن جي وارثن طرفان ڊي چوڪ اسلام آباد  تي هنيل ڪيمپ کي خطاب ڪندي چيو ته اقتدار کان اڳ وڏا وڏا بيان ڏنا ويندا آهن. اقتدار کان پوءِ اوهان ايترا مجبور ٿي ويندا آهيو جو پنهنجا فرض وساري ويهندا آهيو اهڙي اقتدار ۾ نه هجڻ ئي سٺو آهي. قيامت جي ڏينهن کي ياد رکو. حڪمرانن کان به پڇاڳاڇا ٿيندي. رياست جو فرض شهرين کي تحفظ ڏيڻ آهي.

مريم نواز چيو ته اوپن بيلٿ جو معاملو عدالت ۾ کڻي وڃي سگهجي ٿو ته هنن جو ڪيس به ڪورٽ ۾ کڻي وڃي سگهجي ٿو. گم ٿي ويلن مان ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ڏوهاري به نه آهن. ڇا انسان جون مجبوريون ملڪ جي فرض کان وڏيون هونديون آهن؟ مريم نواز چيو ته ملڪ جي چونڊيل حڪمرانن مٿان اهو فرض هوندو آهي ته هو گم ٿي ويلن جي وارثن کي ٻڌائي ته انهن جا پيارا ڪٿي آهن؟ گم ٿي ويلن جي ٻارن کي اها به خبر ناهي ته هو يتيم آهن يا انهن جا والد حياتي آهن. وزيراعظم آفيس هن جڳهه کان صرف 5 منٽن جي مفاصلي تي آهي ۽ هي هڪ هفتي کان سخت سيءَ ۾ بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. اوهان کي ادارن کي جواب ناهي ڏيڻو پر الله کي جواب ڏيڻو آهي.

Read Previous

وزيراعظم سينيٽ چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي جي دعويٰ ڪري ڇڏي

Read Next

ڪنهن به پارٽي کي گهٽ سيٽون مليون ته ذميوار اليڪشن ڪميشن هوندو: سپريم ڪورٽ

Most Popular