ڪنهن به پارٽي کي گهٽ سيٽون مليون ته ذميوار اليڪشن ڪميشن هوندو: سپريم ڪورٽ

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ جي صدارتي ريفرنس ۾ جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به پارٽي کي گهٽ سيٽون مليون ته ان جو ذميوار اليڪشن ڪميشن هوندو. جنهن جون جيتريون سيٽون آهن اوتريون ان کي ملڻ گهرجن. سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ  چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ جي صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

چيف اليڪشن  ڪمشنر سڪندر سلطان راجه عدالت ۾ پيش ٿيو.  ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته ووٽن کي ڳجهو رکڻ جو مطلب آهي ته هميشه ڳجها ئي رهندا. ڪاسٽ ڪيل ووٽ  ڪڏهن به ڪنهن کي ڏيکاري نه ٿا سگهجن. جنهن تي جسٽس اعجازالحسن چيو ته ووٽ هميشه جي لاءِ ڳجها نٿا رهي سگهن. قيامت تائين ووٽ  ڳجهو رهڻ نه آئين ۾ آهي ۽ نه ئي وري  عدالتي فيصلن ۾.

ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته سينيٽ چونڊون آرٽيڪل 226 جي تحت ٿينديون آهن. ڳجهي ووٽنگ ۾ ووٽ جون تصويرون ٺاهڻ ڏوهه آهي جنهن تي جسٽس اعجازالحسن چيو ته قومي اسيمبلي چونڊ لاءِ فري ووٽ جي اصطلاح استعمال ٿي. سينيٽ چونڊن لاءِ فري ووٽ جي اصطلاح کي شعوري طور تي ٺاهيو ويو.

سپريم ڪورٽ چيو ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اليڪشن ڪميشن وڌل ووتن جو جائزو وٺي سگهي ٿو. ڪابه پارٽي تناسب کان وڌيڪ سيتون کڻندي ته اليڪشن ڪميشن ڇا ڪندي؟ ووٽ وڪرو ڪرڻ سان متناسب نمائندگي جي اصول جون ڌڄيون اڏايون ويون. ڪابه پارٽي تناسب کان هٽي ڪري سيٽون کڻندي ته سسٽم تباهه ٿي ويندو.

Read Previous

گم ٿي ويلن جا وارث سخت ٿڌ دوران به کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن: مريم نواز

Read Next

اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻيا ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

Most Popular