اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻيا ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

دهشتگردي جي انت واري عدالت سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي بڪتر بند گاڏي ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.

سرڪاري وڪيل عدالت کان پنج ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن جي حليم عادل جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته ڪيس ٺهي ئي نٿو ان ڪري رمانڊ جي درخواست رد ڪئي وڃي.

پر عدالت پوليس جي استدعا منظور ڪندي اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل، غلام مصطفيٰ، عبدالحسيب، محمود ۽ رمضان جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.

Read Previous

ڪنهن به پارٽي کي گهٽ سيٽون مليون ته ذميوار اليڪشن ڪميشن هوندو: سپريم ڪورٽ

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ ڇاونجاهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

Most Popular