![](https://dailyaas.com.pk/wp-content/uploads/2021/02/psl-6-official-anthem-groove-mera-naseebo-lal-aima-baig-young-stunners-696x392-1.jpg)
گلوڪارا ميشا شفيع پاڪستان سپر ليگ 6 جي آفيشل تراني ”گروو ميرا“ کي موسيقي جي فتح قرار ڏئي ڇڏيو.
پي ايس ايل 6 جي آفيشل تراني ”گروو ميرا“ ۾ نصيبو لعل، آئمه بيگ، طلحه انجم ۽ طلحه يونس پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي، جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن طرفان پسند ناهي ڪيو ويو ۽ اهي علي ظفر جي پي ايس ايل لاءِ ڳايل تراني کي بهترين قرار ڏئي رهيا آهن.
ان صورتحال ۾ جتي ڪجهه ماڻهو ”گروو ميرا“ جي حمايت ڪري رهيا آهن، اتي ئي گلوڪارا ميشا شفيع به ميدان ۾ اچي وئي آهي.