پي ٽي آءِ جا پنهنجا ئي ماڻهو خان صاحب کان تنگ آهن: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ملڪ کي جلد سليڪٽڊ کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين. عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته نيازي سرڪار منظور ناهي.

اها ڳالهه هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا پنهنجا ماڻهو خان صاحب کان تنگ آهن. هن چيو ته ننڍي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي فتح عوام جي اعتماد جو مظهر آهي، ملير ۽ سانگهڙ جي ماڻهن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. ملير جمهوريت پسند ۽ وفادارن جو ضلعو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ايس -88 جي عوام جو شڪريه ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ تڪ ۾ پهتو. اهوئي عوامي قيادت ۽ ڪٺ پتلين ۾ فرق آهي.

صوبائي وزير چيو ته ننڍي چونڊن جا نتيجا، پي ڊي ايم جماعتن جي ڪاميابي ۽ خان صاحب جي اي ٽي ايمز لاءِ پيغام آهي. هن چيو ته ملير ۽ سانگهڙ جي عوام پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي ووٽ ڏنو.

Read Previous

پي ايس ايل 6 جو ترانو موسيقي جي فتح آهي: ميشا شفيع

Read Next

پاڪ فوج جي ترجمان اعليٰ سطح تي مقررين ۽ بدلين جي ترديد ڪري ڇڏي

Most Popular