وزير اعظم جي بيان تي ڏک ٿيو، شڪست قبولڻ جو جذبو هجڻ گهرجي: اليڪشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سينيٽ اليڪشن بابت وزير اعظم ۽ ڪجهه ڪابينا ميمبرن جا بيان ٻڌي ڏک ٿيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان جي گذريل ڏينهن واري بيان جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن چيو ته سينيٽ اليڪشن آئين ۽ قانون جي موجب ڪرائڻ تي خدا جا ٿورائتا آهيون، سينيٽ اليڪشن خوش اسلوبي سان پڄاڻي تي پهچڻ تي خدا جا شڪر گذار آهيون.

اليڪشن ڪميشن جي طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ ميڊيا جي ذريعي جيڪي خيال مشاهدي ۾ آيا انهن کي ٻڌي ڏک ٿيو، خاص ڪري وزير اعظم پاڪستان ۽ ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن جو خطاب ٻڌي ڏک ٿيو.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اي سي پي هڪ آئيني ۽ آزاد ادارو آهي، آئين ۽ قانون جنهن جي اجازت ڏيندو آهي اُهو ئي اليڪشن ڪميشن جو معيار آهي، ڪنهن جي خوشنودي جي ڪري آئين ۽ قانون کي نظرانداز ڪري سگهون ٿا ۽ نه ترميم ڪري سگهون ٿا.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن بنا ڪنهن دٻاءَ جي آئين ۽ قانون جي موجب فيصلو ڪندو آهي جيئن پاڪستاني عوامي ۾ جمهوريت کي هٿي ملي.

Read Previous

ناجائز اڏاوتن خلاف آپريشن، ڪيترائي گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ

Read Next

”وزير اعظم سڀاڻي پنهنجي وڪاميل ميمبرن کان اعتماد جو ووٽ وٺندو“

Most Popular