”وزير اعظم سڀاڻي پنهنجي وڪاميل ميمبرن کان اعتماد جو ووٽ وٺندو“

مريم نواز

مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊڻ جي نتيجن کان پوءِ وزير اعظم عمران خان چيو ته ميمبر وڪامجي ويا ۽ سڀاڻي هو انهن کي وڪاميل ميمبرن کان اعتماد جو ووٽ وٺندو.

پارلياماني پارٽي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته ننڍي ۽ سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت کي مات ڏئي ڇڏي آهي، هاڻ مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير ۾ به ڪاميابي حاصل ڪندي، مسلم ليگ جو ڪلچر تبديل ٿي ويو، هٿ ٻڌي سڀني جون ڳالهيون ويهي نه ٻڌنداسين.

مريم نواز جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جيڪا راءِ ڏني آهي اُها آئين جي تحت ڏني، آئين ۾ ترميم جو نه ئي اليڪشن ڪميشن ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي، سپريم ڪورٽ اُها ئي پوزيشن قبول ڪئي جيڪا اليڪشن ڪميشن ورتي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ آئيني پوزيشن ورتي هئي.

ليگي اڳواڻ چيو هو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ارب پتي ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون، اُتي حڪومتي ميمبر کٽن ته اليڪشن بلڪل ٺيڪ آهي، اسلام آباد ۾ هڪ سيٽ هارائجي وڃن ته اليڪشن ٺيڪ ناهي، هاڻ ادارن کي به خبر پئجي چڪي آهي ته ادارن جي تذليل ڪندڙن ڪهڙا ماڻهو آهن.

Read Previous

وزير اعظم جي بيان تي ڏک ٿيو، شڪست قبولڻ جو جذبو هجڻ گهرجي: اليڪشن ڪميشن

Read Next

حڪومت جو اليڪشن ڪميشن کان غير جانبداري ثابت ڪرڻ جو مطالبو

Most Popular